SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مضبوط سڪو


تجارت ۽ بينڪاريءَ جي ڊڪشنريءَ مان:


مضبوط سڪو

Managed currency


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


مضبوط سڪو

Hard Currencies

هارڊ ڪرنسيز

سگهاري معاشي اوسر سبب دنيا جي ڪن ملڪن جا سڪا ڏيتي ليتيءَ جي حساب سان ٻين سڪن کان وڌيڪ قبوليت جوڳا ۽ مُلهائتا هوندا آهن . اهڙن سڪن کي ’سگهاري سڪي‘ جي اصطلاح سان سُڃاتو وڃي ٿو . ’سگهاري سڪي‘ ۾ عام طور هيٺيون خاصيتون هونديون آهن .
(1) اهڙو سڪو جيڪو آسانيءَ سان هر جاءِ تي مٽجي ۽ سولائيءَ سان پرڏيهي ڪاروبار ۾ استعمال ڪري سگهجي ، ته اهڙي سڪي کي پرڏيهي مٽا سٽا لاءِ رکيل خزاني ۾ اثاثن جي شڪل ۾ محفوظ ڪيو ويندو آهي . ٻئي پاسي ڍِلو سڪو اهو هوندو آهي، جيڪو آسانيءَ سان مٽائي نه سگهجي ۽ نه ئي اثاثي طور پاڻ وٽ محفوظ رکي سگهجي
(2) ڪنهن به قوم جي اها ڪرنسي، جيڪا بنا ڪنهن پابنديءَ جي ٻئي ملڪ ۾ مٽجي سگهي. ان کي ٻين لفظن ۾ تبديل ٿيڻ جوڳي (Convertible) ڪرنسي به سڏيو وڃي ٿو. مضبوط سڪي وارن مُلڪن وٽ عام طور وڏي مقدار ۾ ناڻو محفوظ ٿيل هوندو آهي ۽ وٽن ادائگين جي توازن لاءِ وٽن وڏيون ڌراوتون پيل هونديون آهن.
(3) آمريڪي ڊالر، يورپي يورو ۽ جاپان جو يين اهي سڪا آهن، جيڪي بين الاقوامي معيشت سان لاڳاپيل خانگي ادارن ۽ حلقن ۾ قبول ڪيا وڃن ٿا ۽ کين عام ماڻهوءَ وٽ به مڃتا مليل هوندي آهي


Remember Me Also:

آب داڻو کلڻ

قسمت کُلڻُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal